سيف الملوڪ قديم ماڳ

سيف الملوڪ قديم ماڳ

سيف الملوڪ قديم ماڳ

سيف الملوڪ (قديم ماڳ): هن کي ’سيف الملوڪ جي واءِ‘ به چون ٿا. سيف الملوڪ قديمي ماڳ تعلقي ۽ ضلعي بدين ۾ ڳوٺ محمد حسين بروهيءَ ويجهو ديهه ولهاري، پڪي سر ۾ واقع آهي. هي دراصل رهمڪي بازار جي رستي تي، هڪ ڀٽ وٽان کوهه ۽ عمارتن جي نشانين ۽ ٺڪراٺي تي مبني قديم آثار آهن، کوهه ۽ وڏو قبرستان ڪنهن قديم تاريخ سانڍي رکڻ جو ڏس ڏين ٿا. کوهه ڀٽ جي چوٽيءَ تي ۽ پڪين عمارتن جا نشان ڀٽ جي ڏاکڻين پاسي واقع آهن. هتي ڀٽ جي ويجهو هڪ تلاءُ به آهي، جيڪو پڻ قديم آهي. تلاءُ ۾ اڄ تائين برساتي پاڻي بيهي ٿو. ان تلاءَ سان ڪيتريون روايتون وابسته آهن. تلاءَ کي عام طور ’پرين جو تلاءُ‘ چون ٿا. جڏهن ته ڪي مقامي ماڻهو تلاءَ کي ’اڇرانڊ جو تلاءَ‘ به ڪوٺين ٿا. تلاءَ لاءِ روايت آهي ته: ”بديع الجمال پري هن تلاءَ وٽ رهندي هئي، جيڪا سهيلين سان گڏ تلاءَ ۾ روزانو غسل ڪندي هئي. شهزادو سيف الملوڪ پريءَ جي حسن جي هاڪ ٻڌي تلاءَ تي آيو ۽ ڀٽ جي ڏاکڻين پاسي محلات اڏائي رهڻ لڳو. هتي هڪ کوهه پڻ ٻڌرايائين. موجوده عمارتن جا نشان ۽ کوهه ان جا يادگار آهن.
ڪڍڻ شهر کان هيءُ ماڳ ڪجهه ئي ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آهي. علائقي ۾ زرخيزي آهي. خاص طور مُقام ۽ کوهه جي آسپاس فطري خوبصورتي، ساوڪ ۽ خوشگوار ماحول سبب مقامي ماڻهو هن هنڌ کي ’سيف الملوڪ‘ جي نالي سان ڪوٺين ٿا. هتي موجود ساون گهاٽن وڻن لاءِ روايتون آهن ته تلاءَ جي ڪناري سان وڏا وڻ بديع الجمال پريءَ ۽ سندس سهيلين پاران کوڙيل ڏندڻن مان ڦٽل آهن. هينئر سوڌو انهن وڻن کي ڪو به سڃاڻي نه سگهيو آهي ته اهي ڇا جا وڻ آهن.
هن ماڳ تي ڪجهه قديم قبرون آهن ۽ وڏي ايراضيءَ تي پراڻي زماني وانگر ڪارب جون نڪتل پڪيون سرون به پکڙيل آهن. هتان ڪجهه ڀڳل ٿانون جا حصا به هٿ ڪيا ويا آهن. سرون ويڪريون لسيون آهن، جن تي گهڙاوٽ جو ڪم ڪيل آهي.
پڪين سرن جي ٻڌل قديم کوهه جي اوساري چيروليءَ سان ڪيل آهي. کوهه نهايت اونهو آهي، جنهن ۾ هينئر سوڌو پاڻي آهي. هن وقت تائين قديم آثارن جي ماهرن هن ماڳ بابت ڪي به شاهديون گڏ نه ڪيون آهن ۽ نه ئي خاص قسم جي تحقيق ٿي آهي. فقط مقامي ماڻهو لوڪ روايتن جي آڌار تي هن کي سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال پريءَ سان جوڙين ٿا. انٿروپالاجيءَ جي ماهر ذوالفقار ڪلهوڙي جي تحقيق مطابق ته هيءُ ماڳ سما دور سان تعلق رکي ٿو. ماڳ وارياسي هنڌ تي آهي، چؤڌاري ڀٽون اٿس، ساوڪ ۽ قدرتي سونهن علائقي ۾ سرس آهي. ڪجهه حصي تي ٺڪراٺو ۽ سرن جا ڀڳل ٽڪرا وڏي تعداد ۾ پکڙيل آهن، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته هتي گهڻو اڳ ۾ انساني وسندي هئي، جيڪا ڳالهه هتي سيف الملوڪ جي محلات واري روايت جي پڻ تائيد ڪري ٿي. آسپاس ۾ چڱا فصل پڻ ٿين ٿا. هي ماڳ نظر انداز ٿيل هڪ قديم ماڳ آهي، جنهن تي تحقيق ڪرڻ ۽ ان جي سار سنڀال لهڻ جي فوري ضرورت آهي. مقامي ماڻهو ماڳ سان ٻيون به ڪيتريون روايتون جوڙين ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو